ٿڌاڻي ڏيئومل گاگن مل

ٿڌاڻي، ڏيئومل گاگن مل: مشهور ليکڪ ۽ صحافي ڏيئو مل گاگن مل ٿڌاڻيءَ 1863ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو. حيدرآباد ۾ ئي سنڌيءَ ۽ سنسڪرت جي تعليم حاصل ڪيائين. هو انگريزيءَ جو به چڱو ڄاڻو هو. ان ڪري کيس هيرانند اڪيڊميءَ ۾ پڙهائڻ لاءِ رکيو ويو. جتي هن انگريزيءَ ۽ سنسڪرت جي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. هي هفتيوار
”ديش سڌار“ جو ايڊيٽر به رهيو.
1897ع ۾”رام نواس“ نالي هڪ ڊرامو لکيائين، جنهن ڏاڍي مقبوليت ماڻي. جيتوڻيڪ ان ڊرامي جو بنيادي مقصد مذهبي پرچار هو، پر ان هوندي به سنڌي ادب ۾ اضافي جو ڪارڻ هو. ڊرامي ۾ گيت ۽ نظم به شامل هئا. ٿڌاڻي ڏيئو مل 1913ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ ئي گذاري ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.00.00  عيسوي

ڏيئومل گاگن مل: مشهور ليکڪ ۽ صحافي ڏيئو مل گاگن مل ٿڌاڻيءَ 1863ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو .


1913.00.00  عيسوي

ٿڌاڻي ڏيئو مل 1913ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ ئي گذاري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيدي علي رئيس
ڪمال خان چانگ
آتم تلريجا
دريا خان کوسو
عبدالقادر انڍڙ
جهان بانو
سوامي تلوڪداس
عبدالستار ڏيرو
الاهي بخش ٻانڀڻ
ابولهب
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون